ڇا اوهان ڪارل پاءِ جو نالو ٻڌو آهي، امڪان اهو ئي آهي ته اوهان نه ٻڌو هوندو پر ون پلس ڪمپني بابت ته اوهان کي ضرور ڄاڻ هوندي؟
ڪارل پاءِ ئي ون پلس جهڙي ڪامياب سمارٽ فون برانڊ جي بنياد رکي هئي ۽ ان کان الڳ ٿيڻ بعد هڪ نئين ڪمپني نٿنگ قائم ڪئي هئي.
ايپل جي آءِ فونز جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکندڙ اها ڪمپني پنهنجو پهريون سمارٽ فون جولاءِ ۾ پيش ڪري رهي آهي جنهن جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي.
ڊيزائن جي حوالي سان هي تمام انوکو فون لڳي رهيو آهي جنهن جي بيڪ ڊيزائن آءِ فون ايڪس ۽ آءِ فون 12 سان ملندڙ جلندڙ لڳي ٿي.
پر فون جي بيڪ ڪوارٽرنسپرنٽ آهي جڏهن ته وائرليس چارجنگ جو وڏو ڪوائل پڻ نظر اچي رهيو آهي.
اهڙي نموني هڪ پراسرار پيٽرن پڻ موجود آهي جنهن جو اشارو ڪارل پاءِ ڪجهه عرصو پهريان به ڏنو هو ۽ اهو ڪهڙي فنڪشن لاءِ آهي ان بابت في الحال ڪا ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي وئي.
Bold. Warm. Full of soul.
A return to instinct.
This is phone (1).
Tune in on 12 July to hear all about it: https://t.co/FEJL4Jb2Aw pic.twitter.com/5XUbvo8dwZ
— Nothing (@nothing) June 15, 2022
نٿنگ فون 1 کي 12 جولاءِ تي پيش ڪيو ويندو جنهن بابت وڌيڪ تفصيل ڪمپني في الحال ناهن ڏنا.
پر ليڪس موجب فون ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون پراسيسر هوندو.
سمارٽ فون ۾ نٿنگ او ايس ۽ اينڊرائيڊ تي ٻڌل ڪاسٽيوم يوزر انٽرفيس هوندو.
هن فون جي ڊيزائن تيار ڪرڻ لاءِ مشهور ڊيزائينرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون.