گنجائپ جي شڪار ماڻهن لاءِ وڏي خوشخبري، ماهرن نيٺ علاج ڳولي ورتو

گنجائپ جو سبب بڻجندڙ بيماري الوپ پيسيا جي علاج لاءِ پهرين دوا جي استعمال جي آمريڪا ۾ منظوري ڏني وئي آهي.

يو ايس فوڊ اينڊ  ڊرگ ايڊمنسٽريشن ( ايف ڊي اي ) طرفان baricitinib  نالي دوا جي منظوري ڏني وئي.

هي دوا اهڙن مريضن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي جيڪي ڪنهن آٽو اميون بيماري جي نتيجي ۾ گنجائپ جو شڪار ٿيڻ لڳندا آهن.

آٽو اميون بيمارين ۾ جسم جون خليون وارن جي پاڙن تي حملو ڪنديون آهن جنهن سبب مٿي جي مختلف حصن تان وار ختم ٿيڻ لڳندا آهن.

نئين دوا اهڙن مخصوص انزائمي جي روڪٿام ڪندي آهي جيڪي گنجائپ جو سبب بڻجندڙ ان عمل جو حصو هوندا آهن.

آمريڪي ڪمپني ايلي للي اها دوا تيار ڪئي آهي ۽ ڪلينڪل ٽرائلز دوران ان جا نتيجا ڪافي حوصلو ڏيندڙ هئا.

ڪلينڪل ٽرائلز دوران الوپ پيسا جي نتيجن ۾ گنجائپ جي شڪار ٿيندڙ ڪيئي فردن جا وار ٻيهر پيدا ٿيڻ لڳا هئا.

ٽرائلز دوران دوا جي ڪجهه هاڃيڪار اثرن سميت ساهه کڻڻ واري نظام جون بيماريون، ڪوليسٽرول جي سطح ۾ واڌاري، مٿي جي سور ۽ موهيڙن کي دريافت ڪيو ويو هو، پر محققن دوا کي محفوظ ۽ فائديمند قرار ڏنو.

اها دوا ڏينهن ۾ هڪ دفعو کائڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.