”نواز شريف وٽ مشرف جي واپسي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف وٽ پرويز مشرف جي واپسي جي فيصلي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي ايجنڊا پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ آءِ ايم ايف جي مهانگائي مڙهڻ آهي، عالمي سازش تحت بي اعتمادي رٿ جي شروعات به لنڊن مان ٿي، هاڻ نواز شريف کي پاڪستان اچڻ کان ڪنهن روڪيو آهي.

هن چيو ته اڄ پنجاب ۾ آئين جي ابتڙ ٻه اجلاس ٿي رهيا آهن، جنهن جو پاڪستان ۽ دنيا ۾ ڪو مثال ناهي.

سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف کي فوج ۽ ان جي قيادت پاڪستان واپس گهرائي درست ۽ جرئتمنداڻو فيصلو ڪيو، نواز شريف وٽ ان فيصلي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.

شيخ رشيد چيو ته نواز شريف پاڪستان ۾ سڀني آرمي چيفن سان وڙهيو ۽ سياسي بحران پيدا ڪيو ۽ مطلب پوڻ تي انهن جي اڳيان گوڏا کوڙيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.