امام الحق ڪوهلي کان ٻي پوزيشن کسي ورتي

دبئي ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جي نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ پهرين ۽ ٻئي پوزيشن تي پاڪستاني رانديگرن قبضو ڄمائي ورتو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان ڪاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب بابر اعظم بدستور پهرين پوزيشن آهي جڏهن به ٻئي نمبر تي امام الحق کيس جوائن ڪري ورتو آهي.

پاڪستاني اوپر امام الحق اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ بهترين بيٽسمين ورات ڪوهلي کي پٺتي ڇڏيندي ٻي نمبر پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڪيوي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ جي ٽاپ پوزيشن برقرار آهي.

ٻي پوزيشن تي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ آهي جڏهن ته ٽئين نمبر تي ڪيوي بالر ميٽ هينري جو آهي.

شاهين آفريدي جو چوٿون نمبر برقرار آهي، پنجين نمبر تي ڀارت جو جسپريت بمرا موجود آهي جڏهن ته افغانستان جي مجيب الرحمان جي ڇهين پوزيشن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.