وزيراعظم شهباز شريف 10 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ نڪتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن طرفان پارليامينٽ ميمبرن جي جاري ڪيل اثاثن جي تفصيلن موجب وزيراعظم شهباز شريف 10 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ نڪتو.

اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي دستاويز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي اثاثن جي ڪُل ماليت 10 ڪروڙ رپيا آهي، هن جي لنڊن ۾ هڪ ڪروڙ 37 لک رپيا ماليت جي پراپرٽي آهي.

دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 20 لک رپيا آهن، هن سليمان شهباز کان 6 ڪروڙ 39 لک رپيا قرض ورتو آهي، جڏهن ته شهباز شريف جو لنڊن ۾ بئنڪ اڪائونٽ خالي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.