آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اثاثن جي ماليت ڪيتري آهي؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن جي دستاويزن موجب آصف زرداري جي اثاثن جي ماليت 71 ڪروڙ 42 لک رپيا آهي ۽ ان جون پاڪستان ۾ 20 پراپرٽيز آهن، جڏهن ته آصف زرداري جون 5 ملڪيتون وراثتي آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب آصف زرداري وٽ هڪ ڪروڙ 66 لک رپين جا هٿيار آهن ۽ ان جي ٻاهرئين ملڪ ڪا ملڪيت ناهي، هو 6 گاڏين جو مالڪ آهي.

هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري جي اثاثن جي ماليت هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا آهي، هو پاڪستان ۾ 19 ملڪيتن جو مالڪ آهي ۽ سندس 7 بئنڪ اڪائونٽ آهن، جڏهن ته وٽس 6 ڪروڙ 68 لک رپيا ڪيش آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب بلاول ڀٽو زرداري وٽ ٻاهرئين ملڪ 150 تولا سون ۽ 7 گهڙيون آهن، هن جي دبئي ۾ سيڙپڪاري به ڪيل آهي، هو دبئي ۾ ٻن ملڪيتن جو مالڪ آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ بنگلو تحفي ۾ مليو ۽ ٻيو وراثتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.