پنجاب ڪابينا اسپيڪر پرويز الاهي جا اختيار معطل ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ بجيٽ اجلاس تي آئيني بحران کانپوءِ صوبائي ڪابينا اسپيڪر جا اختيار معطل ڪندي 3 آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

3 آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي جا انتظامي معاملا پنجاب حڪومت ڏانهن هليا ويا آهن، اسيمبلي سيڪريٽري جي اختيارن کي ختم ڪيو ويو آهي، پنجاب اسيمبلي پريوليجز ايڪٽ پڻ ختم ڪيو ويو آهي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته هاڻي اسپيڪر وٽ سرڪاري آفيسرن کي سزائون ڏيڻ وارو حق ناهي رهيو، هاڻي  قانون وارو سيڪريٽري اجلاس سڏائيندو ۽ ختم ڪندو، پنجاب جي گورنر کي حق حاصل آهي ته هو جتي چاهي اجلاس سڏائي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هوته گورنر پنجاب جڏهن به اسيمبلي اجلاس طلب ڪندو، نوٽيفڪيشن قانون واري سيڪريٽري جاري ڪندو.

ٻئي پاسي بجيٽ اجلاس 48 ڪلاڪن گذرڻ باوجود به ٿيڻ تي پنجاب ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ گورنر کي صلاح ڏني وئي ته بجيٽ اجلاس ختم ڪيو وڃي.

ذريعن ٻڌايو  آهي ته اختيار محدود ڪرڻ وارو فيصلو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي غير مناسب رويي سبب ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.