پلي بارگين جو مطلب جوابدار طرفان ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ آهي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ پلي بارگين جو مطلب جوابدار طرفان ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ آهي، ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان پوءِ جذباتي ڳالهيون نه ڪريو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ بلڊرز کي اڄ تائين رهيل رقم جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پريميئر ريزيڊنسي ولاز ۾ مبينا گهپلن جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل چيو ته بلڊر کي ڌيءُجي  شادي جي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو هو.جسٽس امجد سھتو رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن اوهان ڪرپشن ڪندا آهيو ته ڇا ٻين جي ٻارن جو حق نه ڦٻائيندا آهيو؟ عدالت حڪم ڏنو ته بلڊر طرفان رهيل رقم جي ادائگي بعد ٽرائل ڪورٽ ميرٽ تي فيصلو ٻڌايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.