سنڌ ڌرتي ۾ بلوچ نياڻين تي تشدد مذمت جوڳو آهي: آمنا بلوچ

ڪراچي(رپورٽر) بلوچ عورتن ڪراچي ۾ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج تي سنڌ حڪومت جي وحشياڻي قدمن ۽ لٺبازي کي  بلوچ قبائلي روايتن جي پائمالي قرار ڏيندي چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي تقدس جو احترام نه رکڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪري پوليس موبائلن ۾ وجهڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌ ڌرتي تي بلوچ عورتن تي سنڌ پوليس پاران تشدد ڪرڻ تي بلوچ معاشري ۾ سنڌي حڪمرانن جي باري ۾ ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي آرگنائزر آمنا بلوچ ۽ وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سمي دني بلوچ چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي آڏو اسان پرامن طريقي سان احتجاج ڪري رهيا هئاسين، پر سنڌ ڌرتي ۾ بلوچ مائرن، ڀينرن ۽ نوجوانن تي تشدد ڪيو ويو انهن جي مٿي تان بلوچي چادر کسي کين دهشتگردن وانگر موبائلن ۾ گهليو ويو، آمنا بلوچ چيو ته سنڌ ڌرتي تي اسان جو رئو ۽ چادر محفوظ ناهي ۽ ايئن نه ٿئي ته بلوچستان ۾ به سنڌي حڪمرانن لاءِ جاءِ تنگ ٿي وڃي، هاڻي اهو سنڌ حڪومت تي منحصر آهي ته اها بلوچ نياڻين ۽ مائرن تي سنڌ پوليس جي تشدد تي پنهنجو ڪهڙو ردعمل ڏيندي، نه ته اسان سمجهون ٿا ته سنڌي حڪمران به ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهن، هن سنڌي قوم کي اپيل ڪئي ته بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ بلوچن جو ساٿ ڏئي ۽ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهي ته سنڌ ڌرتي مان کنڀيل بلوچ بازياب ٿي سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.