نواب شاهه ۾ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو،دوڙ واسي 2 شاگرد چيڀاٽجي فوت

نواب شاھ (بيورو رپورٽ) نواب شاھ ۾قاضي احمد موڙ وٽ تيز رفتار دمپر موٽرسائيڪل  مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ دوڙ جي ڳوٺ فقير جي کوھي جا رھواسي ٻه ويجھا عزيز ۽ ڪاليجي شاگرد 18 ورھين جو نادر پٽ بشير بروھي ۽ 20 ورھين جو ماجد پٽ اڪبر بروھي چيڀاٽجي ويا، جن مان نوجوان ماجد ٿڏي تي دم ڏنو جڏهن ته نادر کي انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نيو ويو، جتي پھچڻ کان چند گھڙين بعد نوجوان نادر بروھي به دم ڏئي ڇڏيو.هوڏانهن حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو. ٻنھي فوتي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا،جتي سندن تدفين ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.