سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ کي بحال ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لوڪل گورنمنٽ بورڊ جي  سيڪريٽري ضمير عباسي کي فوري بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.عدالت ۾ ضمير عباسي خلاف درخواست داخل ڪندڙ شميم چيو ته 2016ع ۾ نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري پگهار روڪي وئي،ضمير عباسي کي بحال ڪيو وڃي. درخواست کي التوا هيٺ آندو وڃي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي ڳالهه ضمير عباسي جي وڪيل کي ڪرڻ گهرجي، اوهان ڪري رهيا آهيو، هي معاملو ختم نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن درخواست غلط ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان کي هڪ مهيني جي پگهار ادا ڪرڻي پوندي. عدالت چيو ته پهرين ضمير عباسي جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرايو پوءِ وري هن کي بحال ڪرڻ چاهيو ٿا.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.