عمران خان پاران بحريا ٽائون جي رقم ايڊجسٽ ڪرڻ جو انڪشاف، ڪميشن ۽ زمين وٺڻ جو الزام

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ حڪومت ۾ بحريا ٽائون جي رقم قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ بدران ايڊجسٽ ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو  آهي، حڪومت عمران خان تي ڪميشن وٺڻ جو الزام لڳايو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو ته 3 ڊسمبر 2019ع تي وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بند لفافو ڏيکاري عمران خان معاهدي جي منظوري ورتي. عمران خان ڪابينا کي چيو ته اوهان صرف منظوري ڏيو.  ڪابينا ميمبرن سوال ڪيو ته هن ۾ ڇا آهي ته عورت ميمبرن ان جي منظوري ڏني. راڻا ثناءُ الله چيو ته  بعد ۾ ميڊيا ۽ ٻين ذريعن کان معلوم ٿيو ته بحريا ٽائون 50 ارب رپين جي رقم لنڊن منتقل ڪئي ۽ قانون تحت منتقل نه ٿيڻ سبب اتي پڪڙجي پئي، برطانوي عملدارن ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي هن رقم کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو.  برطانيا پاڪستاني عملدارن سان رابطو ڪيو. ان دوران ايسٽ رڪوري يونٽ جي شهزاد اڪبر رياست پاران معاملي کي ڏٺو پر ان رقم پاڪستاني عوام لاءِ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجو حصو 5 ارب رپيا طئي ڪري ٻه نمبري طريقو اختيار ڪيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن وچ ۾ چور آيا ته انهن طرقي ڪار تحت هڪ دستاويز مرتب ڪيو ته ڪيئن 50 ارب محفوظ ڪري 5 ارب هضم ڪرڻا آهن، هي آهي انهن جو صادق ۽ امين هجڻ. هن چيو ته دستاويز جي منظوري بعد شهزاد اڪبر برطانيا ويو ۽ سارو عمل مڪمل ڪيو. هن کان پوءِ 50 ارب رپيا بحريا ٽائون جي قرض جي بدلي ايڊجسٽ ڪئي. هن چيو ته ڪابينا جي هڪ زيلي ڪميٽي بڻائي آهي. جيڪا معاملي جي جاچ ڪندي ۽ ان تحقيقات جي بدلي جيڪا به ڳالهه فائنل ٿيندي اها سامهون آندي ويندي. گهرو وزير چيو ته بحريا ٽائون  جا 50 ارب رپيا ايڊجسٽ ڪري 458 ڪنال جي جاءِ جو معاهدو ڪيو ويو جنهن ماليت ڪاغذن ۾ 93 ڪروڙ رپيا ڄاڻائي وئي پر اصل قيمت پنج کان 10 دفعا وڌيڪ آهي ۽ اها زمين بحريا ٽائون جي القادر ٽرسٽ جي نالي منتقل ڪئي وئي. هن زمين کي بحريا ٽائون عطيو ڪيو ۽ بحريا جا دستخط به عطيو ڪرڻ جا آهن ٻي صحيح خاتون اول بشريٰ بي بي جا آهن، اها رقم القادر ٽرسٽ جي نالي منتقل ڪيا ويا جنهن جا ٻه ٽرسٽي آهن، بشريٰ بي بي ۽ عمران خان.  هن چيو ته ان کان سواءِ 200 ڪنال زمين وڌيڪ آهي، ان ۾ 100 ڪنال بني گالا ۾ آهي ۽ مسمات فرح شهزادي جي نالي منتقل ڪئي وئي. مارچ 2021ع ۾ وڌيڪ 100 ڪنال ۽ آگسٽ ۾ وڌيڪ 40 ڪنال ايراضي منتقل ڪئي.  هن چيو ته هي صادق ۽ امين آهن جن قوم جا 50 ارب رپيا وڃايا، پنهنجو حصو وٺي قوم جو پئسو لٽيو، انهن کي ڪو به شرم ۽ حيا نه ٿيو ته ڪنهن ٻئي جي نالي تي منتقل ڪرائي ڇڏجي، خاتون اول پاڻ صحيح ڪئي ۽ اهڙي طرح زمين سڌي ريت فرح شهزادي جي نالي ٿي وئي. فرح شهزادي ان ڪري پرڏيهه وئي ته ان وٽ ان جي ڇا وضاحت آهي ته  200 ڪنال بني گالا ۾ ڇو ۽ ڪيئن خريد ڪيو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.