صدر عارف علوي جو آمريڪي سفير جي سندن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار

لااهور ( عوامي آواز نيوز ) صدر عارف علوي جو نئين آمريڪي سفير جون سندون تصديق ڪرڻ کان انڪار، نامياري صحافي گوهر بٽ  پنهنجي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مهينو اڳ نئون آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان پهتو ۽ روايت موجب پنهنجون سندون ۽ مقرري جو ليٽر پرڏيهي آفيس ۾ جمع ڪرايو، پرڏيهي آفيس معمول موجب پنهنجي ليٽر سان گڏ سندون صدر عارف علوي کي صحيح ڪرڻ لاءِ موڪليون پر مهينو گذرڻ باوجود صدر وٽان اهي صحيح ٿي واپس پرڏيهي آفيس نه پهتيون، ڪالهه مجبور ٿي آمريڪي سفير مهينو انتظار ڪرڻ بعد پنهنجون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان خير سگالي ملاقات  به ڪئي،نامياري صحافي گوهر بٽ چيوته صدر جي اهڙي هٺ ڌرمي  سان عالمي سطح تي ملڪ جي ڪيتري بدنامي ٿي رهي آهي  ان جو صدر عارف علوي کي زرو به احساس نه آهي ، شايد ! اهو چاهي ٿو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿين جيئن ملڪ جلد کان جلد تباهه ٿئي، عمران خان جي ايجنڊا  به شايد اها  ئي آهي جنهن تي صدر عارف علوي عمل ڪري رهيو آهي ، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پي ٽي آءِ قيادت ڪيتري محب وطن آهي . شايد ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ شهيد حڪيم سعيد جون ڳالهيون درست آهن ته عمران خان ڪنهن پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.