حڪومت معيشت کي زهر پياري ماري رهي آهي: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اقتصادي سروي گواهي ڏئي رهيو آهي ته ملڪ ترقي ڏانهن گامزن هو، بي اعتمادي وقت  پاڪستان جا ناڻي ذخيرا تقريبن ساڍا 16 ارب ڊالر هئا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ برآمد رڪارڊ قائم ڪيو، ساڍن ٽن سالن جي محنت 3 مهينن ۾ ضايع ڪئي وئي، هن چيو ته رپئي جي قدر ۾ ڊالرجي مقابلي ۾ 27 رپيا گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت کي زهر پياري ماري رهي آهي، شيرين مزاري چيو ته دنيا ۾ ڪو به هن حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.