گڏيل قومون(م ڊ) گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ماهرن چيو آهي ته آفريقا جي ڏڪار گهٽ ۾ گهٽ 18.4 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي جن ۾ 71 لک کان وڌيڪ انگ ۾ ٻار سخت غذائي کوٽ جا شڪار آهن. چيني خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن(او اسي ايڇ اي) ڏڪار سبب سڀ کان وڌيڪ متاثرن ايٿوپيا، ڪينيا ۽ صوماليه جي حوالو ڏيندي چيو ته اتر ايٿوپيا ۾ اسان ۽ اسان جي شراڪتدار ٽائيگري، افار ۽ امهارا ۾ انساني امداد جي فراهمي جاري آهي.