پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبليءَ ۾ ضد جو مظاهرو ڪيو: سلمان رفيق

لاهور(بيورو+م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير خواجا سلمان رفيق چيو آهي  ته آئين ۽ قانون عوام لاءِ آهي ۽ بجيٽ به عوام لاءِ ئي پيش ٿيڻي آهي. پنجاب جو عوام گواهه آهي ته اڪثريت باوجود اسان تي اسيمبليءَ جا دروازا بند ڪيا ويا. اڱاري ڏينهن احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سومر ڏينهن بجيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبليءَ ۾ ضد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪابينا مڪمل ٿيڻ ۾ دير سبب ڪيترائي معاملا لٽڪيل آهن جنهن ۾ هڪ ڪم ڪينسر جي مريضن جي دوائن جو به شامل آهي.

  • اٽلي ۾ ڏڪار سبب ڪڻڪ  پيداوار ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي

ميلان(م ڊ) اٽلي جي زرعي ماهرن چيو آهي ته  ملڪ ۾ جاري سخت ڏڪار سبب هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ سالياني بنياد تي (گذريل سال جي ڀيٽ ۾) 15 سيڪڙو جي گهٽتائي جو امڪان آهي. پرڏيهي  خابرو اداري زرعي حوالي سان ناليواري لابي ڪولڊيريٽي جي سروي جي حوالي سان ٻڌايو ته هلندڙ سال 1.71 ملين هيڪٽر ايراضي تي ڪڻڪ پوکي وئي آهي جنهن سان پيداوار جو اندازو 6.5 ارب ڪلو گرام (6.5 ملين ٽن) آهي، اهو 2021ع جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.