اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام رد

اسلام آباد(م ڊ) الڪيشن ڪميشن چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي سياسي  شخصيتن طرفان اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي مسلسل بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ ۽ غير ذميواراڻا الزام لڳايا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن انهن الزامن جي سختي سان مذمت ۽ ترديد ڪري ٿو. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري پريس رليز مطابق اهو تاثر به غلط ڦهلايو پيو وڃي ته ووٽرن کي ڄاڻي واڻي پري پري جي علائقن ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي ۽ تڪ بندي کي به تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ 20 تڪن ۾ ننڍي چونڊ موجوده چونڊ فهرستن ۽ تڪبندين تي ٿي رهي آهي.

  • بلاول ڀٽو جي نااهلي بابت درخواست اليڪشن ڪميشن حوالي

لاهور-14 جون (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ  پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي نااهلي لاءِ دائر درخواست اليڪشن ڪميشن کي اُماڻيندي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس شمس محمود مرزا پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري سيد اقتدار جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڌُر بڻائيندي مؤقف اختيار ڪيو ويو هو ته هن وقت 2 پيپلز پارٽيون اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ آهن، هڪ جو سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آهي جڏهن ته ٻي پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي نالي سان رجسٽرڊ آهي جنهن جو سربراهه آصف علي زرداري آهي. درخواستگذار نشاندهي ڪئي ته بلاول ڀٽو زرداري اين اي 200 لاڙڪاڻي تان اليڪشن پ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان وڙهيو، سندس طرفان پارٽي ڇڏي ٻي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.