آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ سال واڌ جو فيصلو

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) مسلم ليگ فوجي سربراهه کي مدت ملازمت ۾ هڪ سال تو سيع ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ ( ن ) ليگ جي اهم ذريعن جي حوالي سان انڪشاف  ڪيو آهي ته اتحادي حڪومت ۽ فوجي سربراهه گڏ گهر ڀيڙا ٿيندا، ( ن ) ليگ جي اهم اڳواڻن چوڻ  آهي ته  پي ٽي آءِ وارن جنهن طرح سان آرمي چيف ۽ سندس فيملي کي نشانو بڻايو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ٽاپ ترينڊ هلرايا آهن ، ان جو جواب اهو آهي ته آرمي چيف جي مدت ۾ سال واڌ ڪئي وڃي، عام چونڊن کانپوءِ جنهن جي حڪومت اچي اهو اچي نئون آرمي چيف مقرر ڪري، ڇوته هاڻي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويو ته ان کي حالتون سمجهڻ ۾ به ٻه چار مهينا لڳي ويندا، جڏهن ته جنرل قمر جاويد باجوه کي حالتن جي گهرائي سان ڄاڻ آهي ، بدتر معاشي حالتن کان به واقف آهي ان ڪري ان جو هڪ سال وڌيڪ رهڻ ضروري آهي ، موجوده حڪومت جو مدو به اٽڪل هڪ سال رهيو آهي  ان کانپوءِ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا حڪومت ايندي اها نئون آرمي چيف  مقرر ڪندي،  اهڙي فيصلي کان اداري کي به آگاهه ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين اداري ترديد يا تصديق نه  ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.