ڪراچي وارن کي جهٽڪو، بجلي يونٽ سوا پنج رپيا مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اپريل جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي جي شهرين  لاءِ بجلي 5 رپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪي اليڪٽرڪ جي اپريل جي ماهوار فيول چارجز ۽ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽرز ۾ عوامي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، جنهن جي صدارت نيپرا چيئرمين انجنيئر توصيف ايڇ فاروقي ڪئي. ان واڌ سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي تقريبن 10 ارب رپين جو واڌو بار پوندو پر نيپرا تفصيلي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن پوءِ جاري ڪندي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته اپريل مهيني ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سبب هڪ ارب 13 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، ايس ايس جي سي سان گئس جي خريداري بابت معاهدي تي ڳالهيون هلندڙ آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.