هي چور رهيا ته جمهوريت ختم ٿي ويندي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت کي غريب طبقي جي نه آمريڪا جي ڳڻتي آهي،  ٻاهرين سازش ذريعي اسان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو.اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جي پاليسي سبب پاڪستان جي معيشت وبائي صورتحال ۾ به ڪمزور نه ٿي ۽ عوام بيروزگاري کان بچي ويو، امپورٽڊ حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي غريب طبقي تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو.هن چيو ته اسان جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙن ٻن مهينن ۾ ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي، جيتري اسان جي ساڍن ٽن سالن ۾ به نه ٿي، هيءَ حڪومت رهي ته جمهوريت ختم ٿي ويندي، جنهن پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لوٽو راجا رياض هوندو اها پارليامينٽ به ختم.سندس موجب اسان روس سان سستو پيٽرول خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري رهيا هئاسين پر ٻاهرين سازش ذريعي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو، منهنجو عوام کي پيغام آهي ته ٻاهر نڪري ۽ امپورٽڊ حڪومت تي دٻاءُ وڌائي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.