بااختيار ماڻهن اي سي ايل رولز ۾ ترميمون ڪري فائدو کنيو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ آزاداڻي جاچ جي معاملي ۾ مداخلت جي تاثر لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻُڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت سڳوري هاءِ پروفائل ڪيسن جو ڊجيٽل رڪارڊ گڏ ڪرڻ لاءِ نيب کي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تائين مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن کي پرڏيهه جي سفر لاءِ گهرو وزارت کان اجازت وٺڻ جو حڪم ڏيندي ڪابينا ڪميٽيءَ جي ميٽنگ جا منٽس طلب ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ معاملي تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد اٽارني جنرل آفيس ۾ سمورين ڌُرين جو اجلاس ٿيو، جڏهن اي سي ايل رولز بابت ڪابينه ڪميٽي جو به اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن سوالن ۽ آبزرويشنز کي سامهون رکيو ويندو. ڪابينه ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ اٽارني جنرل کي پيش ٿيڻ جو چيو آهي. اٽارني جنرل آفيس اي سي ايل رولز ۾ ترميم بابت ايس او پيز ٺاهي سمورن ادارن کي اُماڻيون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ان موقعي تي سوال اُٿاريو ته رولز ۾ جيڪي ترميمون ٿي چڪيون آهن يا جيڪو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو انهن جو ڇا ٿيندو. جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍيل سمورن نالن کي ڌار ڪري ٻيهر ان جو جائزو ورتو ويندو. نيب ۽ ايف آءِ اي سان مشاورت بعد رولز ٺاهيا ويندا. ڪجهه ڏينهن ۾ رولز جي حوالي سان باضابطه طريقيڪار واضح ٿي ويندو، ترميم تائين ڪوبه جوابدار بنا اجازت جي پرڏيهه نه وڃي سگهندو. نَون رولز بابت ادارن جي مرضيءَ سان ئي اي سي ايل ۾ شامل جوابدار پرڏيهه وڃي سگهندا. يقين ڏياريان ٿو ته پرڏيهه وڃڻ کان اڳ لاڳاپيل شخص گهرو وزارت کان اجازت وٺندو، جيستائين قانونسازي نه ٿي ٿئي عبوري طريقيڪار رائج رهندو. ان دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اسان قانون جي حاڪميت چاهيون ٿا، ايگزيڪيوٽو کي پنهنجا اختيار آئين ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.