پاڪستان غذائي بحران ڏانهن وڌڻ لڳو

اسلام آباد(م ڊ) ڏکڻ ايشيا جو اهم زرعي ملڪ پاڪستان موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن، تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ روس  يوڪرين جنگ جي ڪري غذائي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي، ماهرن مطابق فوري ايڪشن نه کنيو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر آهي، ان صورتحال ۾ فصلن لاءِ ضرورت مطابق پاڻي دستياب ناهي، فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ماضي ۾ ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو رهندڙ ملڪ ٻين ملڪن کان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، فارمر ايسوسي ايٽس پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي پسند آبادگار رابعه سلطان ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين، پاڻي جي کوٽ، ڊيزل، ڀاڻ جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان جي زرعي سيڪٽر ۾ هڪ بحران واري ڪيفيت آهي، عبدالجبار خان چيو ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري زرعي زمينن تي هائوسنگ اسڪيمون بڻجي رهيون آهن يا انهن کي ڪمرشل انڊسٽريون خريد ڪري رهيون آهن، ان ڪري زرعي ايراضي گهٽ ٿي رهي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.