مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت متحده جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس  جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ڪنور نويد جميل سميت ٻين جي درخواست فوري ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس التوا هيٺ آهي، ان ڪري فوري ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهجي، سنڌ ۾ مڪاني چوندن جي پهريون مرحلي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ان ڪري اسان اهڙو آرڊر جاري نه ٿا ڪري سگهون. ايم ڪيو ايم جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪورم پورو ٿيڻ بغير اليڪشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.