اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاور سيڪٽر نه سڌاريو ته معيشت کي ٻوڙي ڇڏيندو. نيشنل بجيٽ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته بجلي قيمتون گذريل حڪومتن وڌايون، نوٽيفڪيشن هاڻ آيو آهي. هن چيو ته نيپرا جو نظام منجهيل آهي، بلنگ سسٽم سمجهڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويا. ناڻي واري وزير چيو ته گئس جا گردشي قرض 1500 ارب رپين تائين وڌي ويا آهن. هن چيو ته گذريل حڪومتن رڪارڊ قرض ورتا. 03