احسن اقبال عوام کي چانهه گهٽ پيئڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جڏهن حڪومت ڇڏينداسين ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو  هوندو، حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان آيل حڪومت کي ڦاسائڻ لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏني، جڏهن اسان 2018ع ۾ حڪومت ڇڏي هئي ته قرض 1500 ارب رپيا هو ۽ هاڻي قرضن جي ادائگي 4 هزار ارب رپيا آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدو تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيو، ان معاهدي تي حفيظ شيخ صحيح ڪئي، اسان کي پي ٽي آءِ جو ۽ قومي حڪومت جي خبر ناهي پر پاڪستان جي ناڻي واري وزير ان معاهدي تي صحيح ڪئي آهي ۽ هاڻي موجوده حڪومت کي اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته عوام چانهه گهٽ پئي، توانائي بحران سبب واپارين کي به جلد ڪاروبار بند ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا.

  • چانهه گهٽائڻ جي مشوري تي سوشل ميڊيا تي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستاني قوم کي احسن اقبال جو چانهه گهٽ ڪرڻ جو مشورو ڪجه پسند نه آيو، بي بي سي مطابق سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا تجويز ۽ ججن جي پگهارن ۾ اضافي کانپوءِ غريب عوام کان انهن جي واحد ” لگزري“ يعني چانهه به ڇڏڻ جو چوڻ ڇا ڪجهه تضاد ناهي؟ رخسانه سليم حڪومت تي تنقيد ڪندي لکيو ته ” ججن جي پگهارن ۾ اضافو ڪري عوام کي گهٽ چانهه پيئڻ جو مشورو ڏيڻ عوام جي تڪليفن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، توهان کي مهانگائي گهٽ ڪرڻي آهي ڪريو، پر عوام کي اهڙا مشورا نه ڏيو، هن چيو ته غريب ماڻهو صبح جي نيرن آني سان نٿا ڪن، ويچارا انهي چانه ۾ پراٺو يا ماني ٻوڙي کائيندا آهن توهان انهن کان اها واحد لگزري به کسڻ چاهيو ٿا؟ وجيه حلال پڇيو ته مفتاح اسماعيل چوي ٿو ته چار ڀائر هڪ ماني گڏجي کائن، احسن اقبال چيو ته ٻه ڪوپ چانهه پيئڻ ڇڏيو، پر هي جيڪو 200 ماڻهن جو ٽولو حج تي وڃي رهيو آهي ۽ ٻاهري دورن تي جيڪي عياشيون هلي رهيون آهن انهن کي ڪڏهن گهٽ ڪيو ويندو، ڇا عوام کان ئي ماني چانهه گهٽ ڪري معيشت ٺيڪ ڪئي ويندي؟ زهره لياقت لکيو ته ڏينهن ۾ چانهه گهٽ پيئڻ جو چئي احسن اقبال تاحيات دشمني ڪري ڇڏي آهي، اسان پٿر کائي گذارو ڪري وٺنداسين پر چانهه تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، واجد علي چٺا لکيو ته اهي عمران خان جي مينهون وڪڻڻ ،پاڏن ۽ ڪڪڙين جو مذاق اڏائيندا هئا، اڄ پاڻ ماڻهن کي چانهه بند ڪرائڻ تي پهچي ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.