حيسڪو ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي ذميوار قرار، فوتين جي وارثن کي في ڪس 35 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جي هدايت

حيدرآباد(رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) حيدرآباد جي علائقي  اسلام آباد چؤڪ تي بجلي جو ٽرانسفارمر جو ذميوار حيسڪو کي قرار ڏيندي ان تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو آهي ۽ فوتين جي وارثن کي في ڪس 35 لک رپيا معاوضو ۽ هر متاثر خاندان کي هڪ نوڪري ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل سال 18 جون تي اسلام آباد چؤڪ حيدرآباد ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ نيپرا هڪ ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي هئي جنهن حادثي واري جاءِ جو معائنو ڪيو، سوڳوار خاندان ۽ ٻين اکين ڏٺن شاهدن جا بيان گڏ ڪيا ۽ حيسڪو ملازمن کان پُڇاڳاڇا ڪئي، ان کان علاوه ٽرانسفارمر ٺاهيندڙ ڪمپني جي ڪارخاني جو دؤرو ڪيو جنهن کانپوءِ ڪميٽي اعليٰ عملدارن کي رپورٽ ڏني ته حيسڪو انتظاميا قانوني ذميواري پوري ناهي ڪئي ۽ـ ڪوتاهي ڪئي آهي. بعد ۾ نيپرا حيسڪو کي نوٽيس جاري ڪيا جنهن کانپوءِ عملدارن نيپرا ايڪٽ 1997ع جي هيٺين شق 27 اي تحت حيسڪو تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ۽ ان کي حڪم ڏنو آهي ته فوري طور تي فوتين جي وارثن کي في ڪس 35 لک رپيا ۽ متاثر ماڻهن جي خاندان جي ڪنهن هڪ فرد کي حيسڪو ۾ ملازمت ڏني وڃي ۽ آئينده حفاظتي قدمن ۽ ضابطه اخلاق تي عمل يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.