عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو، اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.