ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گم ٿيل ماڻهن کي فوري بارياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 25 آگسٽ تائين سنڌ پوليس،گهرو کاتو ۽ ڊي جي رينجرز سميت ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت محمد شريف، سليم الرحمان، نويد،علي، حنيف علي، ادريس ۽ عٽمان سميت ٻين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گم ٿيل ماڻهن جون هڪ ڊگهي عرصي تائين درخواستون التوا هيٺ آهن، شهرين کي مختلف علائقن مان گم ڪيو ويو آهي.