ڏوڪري (ن ع آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ نوجوان ليکڪ ظھير بسمل موهن جو دڙو جي مک گيٽ وٽان کنڀجي ويو.ٻڌايو وڃي ٿو ته سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو ظهير بسمل کي کنڀي هڪ گاڏي ۾ کڻي ويا.ظهير بسمل جي جبري گمشدگي تي ڏوڪري جي اديبن ۽ سول سوسائٽي احتجاج ڪيو.هنن جو چوڻ هو ته هڪ پر امن اديب، شاعر ۽ سنڌ جي عاشق ظهير بسمل کي کنڀي گم ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته سنڌ سان عشق ڪرڻ هاڻي ڏوهه بڻجي ويو آهي.هنن عالمي انساني ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ ۾ اديبن توڙي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺن.ياد رهي ته ظھير بسمل سنڌي ادبي سنگت سان سلھاڙيل آهي ۽ هو سنگت ڏوڪري شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.