ٽنڊي محمد خان ۾ ڪليري اتحاد جو خيرپور پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪليري اتحاد پاران خيرپور ميرس پوليس خلاف اشرف ڪليري، صوڀو خان ڪليري،  سونھارو ڪليري، اڪرم علي ڪليري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان آڏو احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي انهي موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪجهھ ڏينھن پھرين گمبٽ ويجھو ڊرٻ ميھر شاھ شھر ۾ ڪليري ۽ اڄڻ برادري جي ڪجھ ماڻھن ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ ڪليري برادري جو ھڪ نوجوان يار محمد ڪليري فوت ۽ ھڪ نوجوان دلدار ڪليري سخت زخمي ٿي پيو ان ذاتي جھيڙي کي خيرپور ميرس پوليس  ڪليري برادري وچ ۾ جھيڙو ڏيکاري پوليس پاران  ڪليري برادري جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پڻ پامال ڪيو ۽ ڳوٺ جي ماڻھن جو سامان ۽ چوپايو مال پڻ ڪاھي کڻيخيرپور ميرس پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي اسانجي ڳوٺ ٻاھران پوليس جو ڪڙو چڙھيل آھي ڳوٺ جا بزرگ ۽ معصوم ٻار اسپتال ڏانهن به  نٿا وڃي سڳھن اسان سنڌ ڪليري اتحاد طرفان  اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊرپ مھير شاھ شھر ۾ پيش آيل واقعي جي اڻڌري جانچ ڪري واقعي جو فوري نوٽس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.