خانپور مهر اسپتال ۾ لاوارث آيل پيرسن فوت

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر ڀرسان 2 ڏينهن اڳ گلزاز مهر روڊ تان لاوارث حالت ۾ هٿ آيل پيرسن تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، هوڏانهن ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد وارثن پهچي فوتي پيرسن جي سڃاڻپ محرابپور واسي قادر بخش  سيال طور ڪئي، اسپتال انتظاميا موجب ته اسپتال عملي پاران ٻن ڏينهن تائين پيرسن جو علاج ڪيو پر اڄ هن اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو،فوتي پيرسن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد مڙھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، وارثن موجب ته پيرسن جو ذهني توازن درست نه هو جيڪو 25 سال اڳ گهران نڪري ويو هو، واضع رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پيرسن گلزار مهر روڊ تي لاوارث حالت ۾ پيل هيو جنهن کي راھ ويندڙن پاران شيخ همدان بن محمد اسپتال پهچايو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.