ميرپورخاص: نينگر کي اغوا بعد تشدد ڪندڙ اهلڪار جي ضمانت رد

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ) نينگر کي مبينا اغوا بعد تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار پوليس اهلڪار جي عدالت مان ضمانت رد، جوابدار پوليس جي موجودگي جي باوجود عدالت مان فرار ، ڪجھ ڏينهن اڳ ميرپورخاص جي محمود اباد ٿاڻي جي حد مان 16 ورهين جي نينگر  حارث پنهور کي بيهوش ڪرڻ بعد مبينا طور اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو جيڪو بعد ۾ سول اسپتال ۾ زخمي حالت ۾ مليو، جنهن بعد نينگر جي والد اياز علي فرياد تي پوليس اهلڪار بلال جٽ ۽ هڪ اڻڄاتل شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار بلال عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جيڪا ڪالهه فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پڪي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد جوابدار پوليس جي موجودگي جي باوجود عدالت مان فرار ٿي ويو ۽ پوليس اهلڪار پنهنجي پٽي ڀاءِ کي روڪي نه سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.