اوٻاوڙو لڳ پوليس ڪارروائي، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل آزاد

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي پوليس جي ڪامياب ڪارروائي 8 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل فيض آباد خيرپور  ميرس جي رهواسي هندو نوجوان هريش اوڏ کي مقابلي بعد بازياب ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر خان مغل جي ترجمان موجب مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو مسلسل آپريشن هلي رهيو هو ۽ هٿياربند مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پريشر جي ڪري اغوا ڪار مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پوليس مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو جنهن بعد پوليس مغوي کي ٿاڻي وٺي آئي ۽ ضروري ڪارروائي بعد مغوي کي وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ هوڏانهن بازياب ٿيل مغوي هريش اوڏ جو چوڻ هو ته مون کي شادي جي آسري تي هڪ عورت گهرايو ۽ اوٻاوڙو شهر کان مون کي هڪ موٽر سائيڪل سوار همراھ ڪچي وٺي ويو ۽ ڪچي پهچڻ کان پوءِ مون کي وڻ سان زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو هو ۽ مون پوليس بازياب ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.