ڪنري(ت ر) ھڪ ڏينھن اڳ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو زاھد حسين مغيري سان ڪنري ٿاڻي ڀرسان ٻن پوليس اھلڪارن پاران چيڪنگ بھاني بداخلاقي ۽ بدتميزي ڪندي ٿاڻي ۾ وٺي وڃڻ واري واقعي خلاف ضلعي بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي ضلعي جي چئني تعلقن ڪنري، سامارو، پٿورو ۽ عمرڪوٽ جي ڪورٽن ۾ وڪيلن عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪندي ھڙتال ڪئي. وڪيلن جي عدالتي بائيڪاٽ سبب ضلعي جي سمورن ڪورٽن ۾ مختلف ڪيس ۽ ٻڌڻيون نه ٿي سگھيون. وڪيل اڳواڻن محمد رحيم خاصخيلي، خدا بخش پنھور، ريحان آرائين، اسلم نفيس ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته سول جج ڪنري سان پوليس اھلڪارن پاران چيڪنگ بھاني روڪي ساڻس بدتميزي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، پوليس اھلڪار مئجسٽريٽ سان اھڙو ناروا سلوڪ ڪن ٿا ته عوام جي ڪھڙي جان ۽ مال جا محافظ ٿيندا، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ ھائي ڪورٽ ۽ ٻين کان گھر ڪئي ته معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي جانچ ڪرائي اھلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، ھوڏانھن سول جج سان بدتميزي ڪيس ۾ گرفتار ٻن پوليس اھلڪارن ميان بخش چانڊيو ۽ خالد جٽ کي اڄ رمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين پاران سول جج سان بدتميزي واقعي جي مذمت ڪئي وئي آھي.