ڏوڪري ۾ صحافي جي گهر مان چوري، احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ )  ڏوڪري پريس جي نوجوان صحافي علي اصغر ميمڻ جي گهر مان ٽي ڏينهن اڳ نامعلوم چور سولر پليٽون سميت مخلتف سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به ڏوھ واپس ناهي ڪرائي، پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران صحافين کي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي  ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر قاضي آفتاب، ايم رمضان جوڻيجو، اسد ٻگهيو، اطهر سنديلو، فدا حسين ابڙو، ياسر منگي، قاضي ڪفايت ﷲ، امداد ٻگهيو، ديدار سومرو، علي اصغر ميمڻ، قاضي فريد، اطهر ميمڻ، قاضي سهيل، عرفان موريو، قاضي شاھ جھان، قيوم جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ، ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته ڏوڪري پوليس شهر ۾ ڏوھ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي آهي، شهر ۾ ڏوھ روز جو معمول بڻيل آهن. هنن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ صحافي علي اصغر ميمڻ جي گهر مان نامعلوم چور سولر پليٽون سميت مختلف سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ،چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.