پني عاقل ۾بدامني ۽ سماجي براين جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو

پنوعاقل  ( ت ر )بائجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ۽ سماجي براين جي خلاف ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ نوٽيس  وٺي ايس ايڇ او بائجي غلام مصطفيٰ ميراڻي کي ھٽائي نون ايس ايڇ او امجد مغل مقرر ڪري ڇڏيو،جنھن چارج وٺي وڏي منشي شبير احمد چاچڙ ۽ پنھنجي پوليس اھڪارن قربان مھر،خالد ڪلوڙ امداد بلو سان گڏجي سي پيڪ کان ڪچي توڙي پڪي جي علائقن چونگھا ڳوٺ،نوراجا ،گگل ،دڦر،دلدار سميجو ۽ ٻين علائقن ۾ پھچي عوام جا مسئلا ٻڌا،ايس ايڇ او بائجي امجد مغل ميڊيا ۽ عوام سان ڳالھائيندي چيو ته ھن جي حد ۾ سماجي برايون ھلائيندڙ باز اچن نه ته کين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.