محرابپور ۾ بدامني، گهر مان موٽر چوري، گهر تي ڇاپو، جوابدار فرار

محرابپور ( ن  ع آ ) محرابپور ۾ بدامني وڌي وئي ھڪ رات ۾ ٻه وارڌاتون پھرين وارڌات ۾ محرابپور  جي جاني بنگلوز جي رھواسي افضل ڪمبوھ جي گھر مان نامعلوم چور پاڻي تي ھلندڙ موٽرون سولر پليٽيٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان  چوري ڪري فرار ٿي ويا متاثر ٿيل مالڪ افضل ڪمبوھ پوليس ۽ کوجي ڪتو گھرائي پيرا کنڻايا کوجي ڪتي ٽي ميل مفاصلو ڪري پيرا نوناري پاڙي جي رھواسي عمران نوناري جي گھر ۾ پيرا پھچايا  محرابپور پوليس عمران نوناري گھر ۾ ڇاپو ھنيو جڏھن ته مبينه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويوھڪ ٻئي وارڌات ۾ ميزان بئنڪ جي مئنجر اصف ارائين کان محرابپور سيٺارجا روڊ تي موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا وڌندڙ وارڌاتن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي شھر جي سياسي سماجي شخصيتن حاجي منور بيگ مغل فاروق خان لوڌي ۽ ٻين چيو ته محرابپور پوليس شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي محرابپور جا شھري غير محفوظ ٿي ويا اھن ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي اھي ته وڌندڙ وارڌاتن کي ٻنجو ڏئي شھرين کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.