پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پ پ حڪومت جي نااھلي جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ 80 سيڪڙو کان به مٿي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وڃڻ ڪري سنڌ ۾ ڏڪار واري  صورتحال پيدا ٿي وئي آهي سنڌ حڪومت فوري طور ھنگامي بنياد  تي اضافي پاڻي جا جوڳا اپاءَ وٺي ھٿرادو پيدا ڪيل ڏڪار ختم ڪرائي ۔ اياز لطيف پليجي ڌاڙيل واھه چشما جھلم لنڪ وھائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻ تي ڌاڙا ھنيا آھن۔ تونسا پنجند ۽ چشما جھلم ڪئنال ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت سان وھائڻا آھن پر پنجاب سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي 12 مھينا ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رھيو آھي۔ جنھن ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي۔ فصلن لاءِ پاڻي ناھي، اياز لطيف پليجي چيو ته اڃان تائين سنڌ ۾ سارين جو ٻيجارو پوکجي نه سگھيو آهي زراعت کي ڪاپاري نقصان ٿيندو، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن. سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ پاڻي تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، پڇڙي جي آبادگارن ۽ ننڍن آبادگارن سان وڏي ناانصافي ٿي رھي آھي۔ ڪرپٽ آبپاشي ڪامورا انھن کي پاڻي ڏين ٿا۔ جيڪي ھنن کي رشوت ڏين ٿا۔ ٻين جا فصل سڪي تباھ ٿي وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته لاڙ ۾ پاڻي جي ڪري وڏو ظلم ٿي رھيو آھي۔ ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي به نٿو ملي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته فوري طور تي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ پاڻي فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.