ملير پوليس جي ڪارروائي، سوپاريون وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (ڊ ر) گڏاپ سٽي پوليس جي سپر هاءِ وي تي ڪاروائي، ڪار جي چيڪنگ دوران 435 ڪلو سوپاري هٿ، هڪ جوابدار گرفتار، خبر موجب ٿاڻي گڏاپ سٽي پوليس  ٽول پلازا ويجهو سپر هاءِ وي تي ڪاروائي ڪندي ڪرولا ڪار نمبرBBJ-292 جي چيڪنگ دوران ڪار مان 40 ٿيلها هٿ ڪيا ويا جن مان 435 ڪلو سپاري هٿ ڪري ڪار ڊرائيور برهان دين ولد مير زمان خان کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس پاران گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.