جوهي اسپتال بي لاڀ، ڊاڪٽرن جي غفلت سبب نينگري دم ڏئي ڇڏيو، احتجاج

جوهي  ( ن ع آ ) جوهي اسپتال ۾ علاج لاء آندل معصوم نينگري فوت, وارثن پاران احتجاجي مظاهرو, ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام , جوهي جي ڳوٺ قاسم جمالي جي رهواسڻ 3 سالا معصوم نينگري امبر ڌيء شبير ڪوري کي بيماري سبب تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتي هوء فوت ٿي وئي آهي, نينگري جي فوت ٿيڻ بعد سندس وارثن شبير ڪوري, غلام رسول ,سڪندر بچل ڪوري ۽ ٻين اسپتال ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽرن پاران تُرت علاج نه ڪرڻ سبب نينگري فوت ٿي آهي , هنن چيو ته بار بار چوڻ باوجود پورو هڪ ڪلاڪ ڪوبه ڊاڪٽر نينگري کي تپاسڻ ڪونه آيو جنهن ڪري معصوم نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي, هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ ٻئي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.