جمس اسپتال انتظاميا جي نااهلي، عورت جو آپريشن نه ٿيو، احتجاج

جيڪب آباد (ڊر ) جمس اسپتال انتظاميا جي نااهلي سامھون اچي وئي ٽي ڏينهن اڳ شيدي محلا واسڻ ڳورهاري عورت ( س) زال الهه بچايو ڀٽو کي وارثن اسپتال ۾ داخل ڪرايو پر اسپتال انتظاميا ڳوڙهاري عورت جو آپريشن نه ڪيو. جنهن سبب عورت جي حالت خراب ٿي وئي جڏهن ته اسپتال انتظاميا ڳورهاري عورت کي اسپتال مان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وارث مڇرجي پيا جمس اسپتال انتظاميا جي اھڙي عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هڪ احتجاجي جلوس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي ،سيد علي شاهه، ناصر شاهه، خادم سرڪي، آصف علي مستوئي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو مظاھرين جي جمس اسپتال جي مک دروازي آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ڊائريڪٽر جمس خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين دانهيندي چيو ته ٽن ڏينهن کان ڳوڙهاري عورت داخل آهي پر اڃان تائين ان جو آپريشن ناهي ڪيو ويو جنهن سبب عورت جي حالت خراب ٿي وئي آهي هاڻي انتظاميا پاران عورت کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا زيادتي آهي جمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين بروهي ۽ شاهد شاهه جي مقرري بعد جمس تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي هنن صوبائي وزير صحت، سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته نااهل ڊائريڪٽر کي ھٽائي جمس بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.