ٽنڊي الهيار ۾ مقتول جي مامن جو انصاف لاءِ احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊوالهيار لڳ ڳوٺ موسا خان پتافي جي رهواسين غلام فاروق پتافي ۽ غلام رسول پتافي الزام مڙهيو آهي ته پوليس ۽ تر جا بااثر هڪ سال اڳ قتل ٿيل نوجون اياز پتافي جي قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، مارجي ويل نوجوان جي مامن ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران اهڙو انڪشاف ڪيو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال 12 جون تي اسان جي ڀاڻيجي اياز پتافي کي خنجرن سان قتل ڪيو ويو هو  قاتل با اثر وڏيرن جو ويجهو عزيز آهي ۽ انهن کي با اثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي  تنهن ڪري اسان جي ڀاڻيجي جي ڪيس جي صحيح طريقي جانچ به نه ڪئي وئي آهي. انهن ٻڌايو ته ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالھ آهي ماڻهو به اسان جو ماريو ويو آهي ۽ ڪوڙا ڪيس به اسان جي مٿان داخل ڪيا پيا وڃن ۽ پوليس به انهن جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي. ڪورٽ مان ضمانتون ڪرائڻ باوجود چار چار موبائلون اسان کي ڳولڻ لاءِ پٺيان لڳايون ويون آهن. هنن اعلا عدالتن ڊي آء جي پوليس حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کان داد رسي جو مطالبو ڪندي چتاء ڏنو آهي ته 48 ڪلاڪن اندر اسان خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم نٿا ڪيا وڃن ته اسان ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيريا شاخ تي ڌرڻو ڏينداسين ۽ اهو ڌرڻو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين انصاف نه ملندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.