ميرپورخاص ۾ گهرواري مڙس کان رُسي خودڪشي ڪري ڇڏي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)ميرپورخاص لڳ ڳوٺ راشد فارم جي رهواسڻ 22 ورهين جي پرڻيل عورت صوفيه زال محمد الياس مڙس کان ناراض ٿي گھر جي ٻاهران بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو، آپگھات جي اطلاع ٿي حد جي تعلقه ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتڻ جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب عورت جي ساهرن جي ڏنل بيان موجب عورت مڙس کان ناراض ٿي آپگھات ڪيو آهي وڌيڪ حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد واضع ٿيندي جڏهن ته پوليس مختلف رخن تي جاچ ڪري رهي آهي جڏهن ته علائقي ۾ عورت جي قتل ٿيڻ جا پڻ افواه هلندڙ آهن پر ان حوالي سان ڪو به گواه سامهون نه اچي سگھيو آهي، فوتي عورت جي جنازي نماز بعد کيس آلين اکين سان ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.