ميهڙ لڳ مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ميھڙ (ن ع آ) ميهڙ بي سيڪشن پوليس جي دعويٰ مطابق ٿرڙي محبت لڳ ٻٽ سرائي لاڙي وٽ پوليس  پارٽي تي ڏوهارين جي ٽولي فائرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو ، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو آھي ۔ زخمي ڏهاري جي سڃاڻپ  حنيف عرف حنو کوسو ولد غلام حسين کوسو طورٿي، پوليس کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪيل وٽان هڪ عدد پسٽل ۽ گولين آيون آھن ۔  پوليس پاران فرارٿيلن جي گرفتاري لا۽ سرچ آپريشن جاري آھي۔ ، ايس ايس پي دادو عرفان سمون موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل مختلف ڏوهن ۾ ملوث آھي ۔ مٿس 11 کان وڌيڪ ڪيس داخل اٿس ۔ پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رهي آھي۔هوڏانهن زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جا وارث سندس والد غلام حسين ۽ امڙ مسمات صدوري ۽ ٻيا تعلقه اسپتال ميهڙ پهچي ويا ۔ جتي هنن پوليس مقابلي کي رد ڪندي چيو آھي ته ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او سيد اصغر شاه ۽ پولييس اهلڪار سوڍل سولنگي مخالفن جي چوڻ تي   گذريل ڏينهن گل محمد ڪالوني مان نوجوان کي هڪ هوٽل تان  گرفتار ڪري کڻي وئي هئي جنهن کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو آھي ۔ هنن چيو ته پوليس اڳ به هڪ بااثر جي چوڻ تي کيس گرگتار ڪرايو هيو ، هنن آء جي سنڌ ۽ چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.