ٽنڊي باگي ۾ موبائيلن جي دڪان تي ڇاپو، غير قانوني شراب هٿ

ٽنڊوباگو(ت۔ر) ايس ايس پي بدين پاران حڪم تي ٽنڊوباگو پولیس ٽنڊوباگو شهر جي مين بس اسٽاپ نريش موبائيل زون تي ڇاپو هڻي موبائيل جي دڪان ۾ پيل شراب  جون 24 بوتلون هٿ ڪري اتي موجود ملازم امر خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته وسڪي وڪرو ڪندڙ نريش ڪمار لوهاڻو فرار ٿي ويو. نريش ڪمار لوهاڻو ڪيتري وقت کان وٺي ٽنڊوباگو جي مين بس اسٽاپ تي سري عام غير قانوني طور تي موبائيل جي دوڪان ۾  شراب وڪرو ڪري رهيو هو. ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ٻن جوابدارن نريش ڪمار لوهاڻو ۽ ملازم امر خاصخيلي تي ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.