ڪنري ڀرسان نوجوان ۽ ناري پاران ڌار ڌار آپگھات جي ڪوشش

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان نوجوان ۽ ناري پاران ڌار ڌار آپگھات جي ڪوشش. اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳوٺ مانجهاڪر ۾ 30 ورهين جي پنج  ٻارن جي ماء 30 ورهين جي ڀرائي زال رمضان سولنگي بيماري کان بيزار ٿي جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺ ذڪريا گل ۾ 20 ورھين جي نوجوان ڪرمشي ڪولھي پنھنجي پيءُ کان ڪاوڙجي زھريلي دوا پي آپگھات جي ڪوشش ڪئي، نوجوان ۽ عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنري تعلقي اسپتال داخل ڪرايو ويو آھي جتي کيس طبعي امداد ڏني وئي. عورت ڀرائي سولنگي جي وارثن ٻڌايو ته ھو ھڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا آھي بيماري کان تنگ اچي اھڙو قدم کنيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.