غوث پور (ن ع آ) غوث پور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي پوليس چوڪي مٿان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، اطلاع ملڻ تي ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري پهچي وئي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 20 منٽن تائين فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 پوليس اھلڪار عبدالوحيد ميراڻي ۽ مهر الله ڀيو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.