ڪشمور جي بدامني

تحرير: ذلفي چاچڙ

امن جي حوالي سان ڪشمور شھر جون حالتون ڏينھون ڏينھن تمام گھڻيون خراب ٿينديون پيون وڃن، شھري عدم تحفظ ۽ خوف واري ڪيفيت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھٿياربند ھجوم جي اڳيان پوليس سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا  ھيڻا ۽ بيوس بڻيل نظر اچي رھيا آھن.

ھونئن ته قبيلائي جھيڙن جي حوالي سان ھيءُ شھر خاصو بدنام ۽ بدبخت رھيو آھي، پر ھاڻي ته صدين کان رهندڙ ڪيئي ڳوٺاڻن کي ڪچي مان ڀتي لاءِ ڪالون پڻ اچڻ لڳيون آھن، جنھن ۾ کانئن لکين رپيا ڀتو طلب ڪيو پيو وڃي، ان معاملي ۾ ڪشمور شھر ڄڻ ته ”ڪراچي“ بڻجي ويو آھي، ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾  ڌاڙيلن جو جٿو اڳواٽ اطلاع ڏئي ديده دليري سان سندن گھرن مٿان راڪيٽ لانچر جا گولا اڇلائڻ سميت جديد ھٿيارن سان  ھزارين گوليون فائر ڪري ڏھڪاءُ پکيڙي وڃن ٿا، ڌاڙيلن جي آزار کان ڳوٺ چوڌري ڪرم الاھي جا رھاڪو آرائين برادري جا ماڻھون، جيڪي ڏيڍ صدي کان ھتي رھائش پذير ھئا، پنھنجو پوکيل فصل، وسندڙ ويڙھو ۽ اباڻا ڪک ڇڏي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا، لاقانونيت جي حد ته ڏسو! کين دربدر ڪرڻ جي باوجود به ڌاڙيلن طرفان اھي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اسين سندن ٻنيون آباد ڪرڻ نه ڏينداسين، جيڪي اھي مقاطعي تي ڏئي ويا آھن.

ياد رھي ته ان علائقي ۾  پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان ۽ ماڇڪي ٿاڻي جي حد به لڳندي آھي، پر ٻنھن صوبن جي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ڏوھارين خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي ڪا ٺوس ڪارروائي ڪرڻ جي بدران ھڪ ٻئي جو آسرو ڪن ٿا، ويجھڙائي ۾ ڳوٺ عبدالواحد، حاجي خان کوسو، خدا بخش ۽ پنھل چاچڙ سميت ٻين ڳوٺن تي پڻ ڌاڙيل حملو ڪري چڪا آھن، پر حد جي پوليس ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رھي آھي. گذريل ھفتي شھر جي وچ مان ئي ڏينھن ڏٺي جو گھر جي اڳيان گھٽي ۾ راند ڪندڙ چئن سالن جي معصوم ٻالڪ شيراز ملڪ کي ٻه ڄڻا جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار ھئا، اغوا ڪري کڻي ويا، جن جا چھرا سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ چٽا نظر اچي رھيا آھن، پر تنھن جي باوجود ڪا گرفتاري عمل ۾ ناھي آئي، جڏھن ته شيراز جي امڙ کي پٽ جي صدمي سبب مسلسل بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته ڪشمور شھر ۾ قانون نالي ڪابه شيءِ آھي ئي ڪانه، ”جيڪو ڏاڍو ۔ سو گابو“ وارو راڄ ۽ نظام ھلي رھيو آھي، ھڪ ڏينھن ۾ چار کان پنجن تائين چوري، اغوا ۽ ڦر جون وارداتون ٿيڻ لڳيون آھن، سي به ڳتيل آبادي ۾ ۽ پوليس اسٽيشن جي ويجھو

سوشل ميڊيا تي ڏوھاري اھڙا جديد ھٿيار ڏيکاريندي نظر ايندا آھن، جن لاءِ چيو پيو وڃي ته انهن سان اھي ھيليڪاپٽر کي به ڪِرائي سگھن ٿا، نه صرف ايترو پر بخشاپور شھر ۽ گڊو ٿرمل پاور ھائوس کي پڻ تباهه ڪرڻ وارو ڏوھارين جو ويڊيو پيغام رڪارڊ تي موجود آھي، پر ضلعي انتظاميه ھن وقت تائين ان معاملي متعلق ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، ڌاڙيلن وٽ انتھائي مھانگو، جديد ۽ خطرناڪ قسم جو اسلحو  جھجھي تعداد ۾ ڪٿان ٿو اچي؟ اھا ڳالهه پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان آھي، وڊيوز ۾ خطرناڪ ھٿيار کڻي بيٺل اڪثر ڌاڙيلن جي پيرن ۾ ڇڳل چيپلون ۽ پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پاتل ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جيڪي ماڻھون روپوش ھجڻ سبب ڪٿي وڃي نوان جوتا ۽ ڪپڙا به خريد ڪري نه سگھندا ھجن، انھن کي اھڙا خطرناڪ ھٿيار آخر ڪير ٿو پھچائي؟  سندن سھولتڪار ڪير ٿي سگھن ٿا؟ ظاھر ڳالهه آھي ته اھي ڪي معمولي ماڻھون ٿي نٿا سگھن، ڪجهھ ڏينھن پھريان گبلو پوليس ٿاڻي جا اھلڪار بڪتربند گاڏي ۾ ڏوھارين جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي، جنھن تي ڌاڙيلن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ان جي چين ٽوڙي ناڪاره بڻائي وڌو ۽ ھٿيارن جي زور تي پوليس اھلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو، ان واقعي جون پڻ سوشل ميڊيا تي ٻه ويڊيوز وائرل ڪيون ويون، جنھن ۾ ڌاڙيل درياهه جي ڪپ تي بيھي خوشي ۾ فائرنگ ڪندي نظر آيا، باخبر ذريعن وٽان اھو معلوم ٿيو آھي ته باندي بڻايل پوليس اھلڪارن ۽ قبضي ۾ ورتل بڪتربند گاڏي جي واپسيءَ لاءِ پوليس ڌاڙيلن کي سندن ڊمانڊ مطابق ھٿيار خريد ڪري ڏنا.

ڪشمور شھر / ضلعي ۾ اڳ ۾ اغوا جي واردات ورلي ڪا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، ڌاڙيل ڪنھن وڏي هندو واپاري کي اغوا ڪري بلوچستان جي علائقي ڏانھن فرار ٿي ويندا ھئا، جتي سنڌ پوليس جي پھچ آسان ۽ ممڪن نه ھوندي ھئي، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ۽ وک وک تي پڪٽون قائم ٿيڻ کان پوءِ اھڙي قسم جي واقعن کي تقريبن سدائين لاءِ ٻنجو اچي ويو آھي، ھاڻي جيڪي ماڻھون ڏوھ ڪري رھيا آھن، انھن جا گريبان پوليس جي ھٿن کان پري بلڪل به ناھن، پر پوءِ به پوليس الائي ڪھڙي مصلحت مان ڪم وٺي رھي آھي، جڏھن حد جي پوليس  مصلحت پسند  بڻجي ويندي آھي، تڏھن ڪجهھ به محفوظ ناھي رھندو، نوين ڪمار ۽ شيراز ملڪ جھڙا معصوم ٻار به اغوا ٿيڻ لڳندا آھن، بدامني ايتري وڌي ويندي آھي، جو شيون کپائيندڙ گھوڙا به اغوا ٿيڻ لڳندا آھن، ۽ سندن وارثن کان لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويندو آھي.

گذريل ڪجهھ ڏينھن اڳ ايس ايس پي امجد شيخ صاحب پريس ڪلب ڪشمور جي دوري تي آيو، جتي صحافين سان ڳالھائيندي چيائين ته امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ اسين ڪراچي مان اسپيشل ڪمانڊو فورس گھرائي رھيا آھيون ۽ جلد ئي ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو، منھنجي خيال ۾ اسپيشل ڪمانڊو فورس گھرائڻ کان اڳ ھڪ چانس ايس ايڇ او زياد نوناري کي ڏنو وڃي، ڇو ته اھو به ڏسڻ ضروري آھي ته اسپيشل ڪمانڊو فورس جي آپريشن جي ڪاميابي جا امڪان ڪيترا آھن، ۽ جيڪڏھن ڪمانڊو آپريشن ناڪام ٿيڻ کان پوءِ واري صورتحال کي منھن ڪيئن ڏئي سگھبو ۽ آئنده جو لائحه عمل ڪھڙو ھوندو؟ ڇا فوج! جيڪڏھن فوج به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ته پوءِ ؟… ۽ ان دوران پوليس ڊيپارٽمينٽ جو خرچ ڪيترو ٿيندو؟

جڏھن ته زياد نوناري ڪشمور جي تاريخ ۾ مڪمل امن قائم ڪري ڏيکاريو ھو، جيڪو ڏوھارين جو مزاج به سمجھي ٿو، ته ساڻن وڙھڻ به، سندس دور ۾ ھلڪيون ڦلڪيون چوريون ضرور ٿينديون رھيون، پر اھي سندس باصلاحيت ٽيم جي محنت سبب جلد ئي ريڪور ڪيون وينديون ھيون، مان سمجھان ٿو، ان جي تقرري سان ڪي سياسي اثر رسوخ رکندڙ وڏيرا ارھا ضرور ٿيندا، ممڪن آھي سياسي دٻاءُ به وڌو وڃي، پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو سستو ۽ سولو حل به ته ناھي، ايئن ڪرڻ سان يقينن ماڻھن جي ملڪيت، جان سان گڏوگڏ اوھان جي  رھي سھي ساک به بچي پوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.