جوهري هٿيارن دنيا کي غيرمحفوظ بڻائي ڇڏيو

سموري دنيا ۾ وڌندڙ سياسي سماجي مذهبي ثقافتي تڪرار ۽ جنگي ڇڪتاڻ  دنيا کي هڪ خطري ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، جيتوڻيڪ هن وقت دنيا ڪيترن ئي خطرن ۾ گهيريل آهي، جنهن ۾ توانائي جي کوٽ، پاڻي جي کوٽ،خوارڪ جي کوٽ عالمي سطح تي پکڙندڙ وبائون ۽ ماحولياتي خطرا موجود آهن ان هوندي به دنيا ڪو به اهڙو نظام جوڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي ته انهن کي گڏيل نموني منهن ڏيڻ لاءِ گڏ ٿي وڃجي، ان جي ابتڙ وڌندڙ تڪرار هن ڀيرو ٻيهر عالمي امن جي لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهيو آهي، دنيا ۾ جوهري هٿيارن جي ايجاد انسان کي وڌيڪ غيرمحفوظ بڻائي ڇڏيو آهي.

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن وقت عالمي سطح تي جوهري هٿيارن ۾ اضافي ٿيڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي. اها ڳالهه  عالمي تڪرارن ۽ هٿيارن جي ڊوڙ تي تي نظر رکندڙ هڪ عالمي  ٿنڪ ٽينڪ پاران ڄاڻي وئي آهي.عالمي ايٽمي هٿيارن جي استعمال ۽  سرد جنگ جي خاتمي بعد ڏهاڪن کان پوءِ اهڙو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

هڪ ساکائتي خابرو اداري رائٽر موجب  اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس پي آر آءِ) نالي  ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي نئين تحقيقي رپورٽ ۾ چيو آهي ته يوڪرين تي روس جي حملي ۽ ڪيف جي لاءِ ولهه جي حمايت سان دنيا ۾ 9  ايٽمي هٿيار رکندڙ بااثر رياستن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

رپورٽ ۾  چيو ويو آهي  جيتوڻيڪ جنوري 2021ع کان جنوري 2022ع جي وچ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، پر جيڪڏهن ائٽمي هٿيارن لاءِ عملي قدم نه کنيا ويا ته ڪيترن   ڏهاڪن  بعد پهريون ڀيرو فوجي سامان جي خريداري ۽ وڪري جو عمل عالمي سطح تي تيز ٿي سگهي ٿو.

ماس ڊسٽرڪشن ويپنز پروگرام جي ڊائريڪٽر الفريڊ وان  ٿنڪ ٽينڪ ايئر بڪ 2022 ۾ چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن جي صلاحيت رکندڙ سموريون رياستون پنهنجن هٿيارن جو تعداد ۽ مقدار  وڌائي رهيون آهن يا انهن جي هٿيارن کي اپ گريڊ ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر ايٽمي رياستون پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي سگهه  کي جديد ۽وڌيڪ  تيز ڪري رهين آهن .هنن جي اهڙي حڪمت عملي سموري دنيا جي لاءِ خطري واري يا ڳڻتي جي ڳالهه آهي.

يوڪرين تي ماسڪو جي حملي کان فقط ٽي ڏينهن پوءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن روس جي ايٽمي هٿيارن کي هاءِ الرٽ تي رکي ڇڏيو آهي.روس يوڪرين تي پنهنجي حملي کي ”خاص فوجي آپريشن“ قرار ڏئي ٿو.روس جي سندس رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ملڪن کي پڻ اهڙي ڌمڪي ڏني آهي.ته ان جا اهڙا سنگين نتيجا نڪرندا جيڪي اڳ تاريخ ۾ ڪنهن نه ڏٺا هوندا..

روس وٽ ائٽمي هٿيارن جو دنيا جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي جنهن ۾ ڪل پنج هزار  977 وار هيڊز آهن، جيڪي آمريڪا کان اٽڪل 550 وڌيڪ آهن.ٻنهي ملڪن وٽ دنيا جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ جنگي هٿيار آهن.ٿنڪ ٽينڪ جي هڪ رپورٽ موجب، چين پنهنجي توسيع پروگرام جي وچ ۾ اندازي مطابق 300 کان وڌيڪ ميزائل لانچ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪا جنوري 2021 ۾ 13,080 هئي.هڪ اندازي مطابق 3,732 وار هيڊز ميزائلن ۽ جنگي جهازن سان فٽ ڪيا ويا هئا ۽ اٽڪل 2,000 وار هيڊز هاءِ الرٽ پوزيشنز تي رکيا ويا هئا، هاءِ الرٽ پوزيشنز تي رکيل 2,000 وار هيڊز  روس  يا آمريڪا جا آهن.

ٿنيڪ ٽينڪ جي عملدار  ۽ سويڊن جي اڳوڻي وزيراعظم اسٽيفن لوفوين چيو آهي ته دنيا جي وڏين طاقتن وچ ۾ لاڳاپا هڪ اهڙي وقت ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن انسانيت ۽ دنيا سنگين ۽ وڏن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي،انهن جو مقابلو صرف ۽  صرف عالمي تعاون سان ئي ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.