سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، خريف جا فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو

تحرير: مقبول ملاح حيدرآباد

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، ھڪ رپورٽر موجب سنڌ جي ٽنهين گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ مجموعي طور پاڻي جي کوٽ 61 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 79.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 46.25 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ 65.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ ۾ گذريل 20 سالن ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ ناهي رهي،  پاڻي کوٽ ڪري سنڌ جا مک فصل ساريون، ڪپهه، ڪمند ۽ خريف جا ٻيا فصل سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي، جنھن سبب آبادگار سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آھن.

ھي ڪو پھريون دفعو ناھي جو خريف جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ھجي،  سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو صدين کان جاري آھي، سنڌو درياهه  تي ڊيمن جي صورت ۾ سنڌ جو پاڻي کسي سنڌ جي زمينن کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش به سالن کان جاري آهي، پر سنڌ جي مزاحمت سبب سنڌو درياهه  تي ڊيم مڪمل نه ٿي سگهيا آهن.

اڳوڻي آمر پرويز مشرف ڪوشش ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم مڪمل ڪرائي پر ڪامياب نه ٿيو، هو جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو هو ته نه صرف سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، عورتن پر وڪيلن  ۽ صحافين به مزاحمت ڪئي هئي، مشرف جي دور جي پڄاڻي کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ شروع ڪيا، پر سنڌ پنهنجي مزاحمت جاري رکي ۽ اهو به ڪامياب ٿي نه سگهيو. جيتوڻيڪ سنڌ جا باشعور ماڻهو سنڌو درياهه  تي ڊيم روڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، پر اسان سنڌو درياهه  مان پاڻي جي چوري کي روڪي نه سگهيا آهيون.

2010 ۾ جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ڊيم حامين جو اهو چوڻ هو ته ڊيم نه هجڻ ڪري پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، پر کين اها ڄاڻ ئي ناهي ته ڪوٽڙي بئراج ۾ هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ پاڻي جو ذيان نه پر اهو پاڻي سمنڊ کي اڳتي اچڻ کان روڪي ٿو.

هڪ رپورٽ موجب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪوٽڙي کان جيڪو 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌو درياهه وسيلي سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻو هو اهو نه ٿيڻ سبب سمنڊ هن وقت تائين 30 لک ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪوٽڙي کان پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته 2050ع تائين ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن کي سمنڊ ڳڙڪائي ڇڏيندو ۽ 2070ع تائين سمنڊ زمين کائيندو اچي ڪراچي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو. سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه وڃڻ ڪري نه صرف سمنڊ زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي، پر زمين جو پاڻي به کارو ٿيندو پيو وڃي، سجاول، بدين، ٺٽو کان ٿيندو، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ضلعن جي حدن تائين پهتو آهي.

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ گھربل پاڻي نه ڇڏڻ، شديد سوڪهڙي ۽ سمنڊ ۾ مٺو پاڻي داخل نه ٿيڻ ڪري سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ واري شرح ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب سمنڊ هاڻي روزانو 90 ايڪڙ بدران 100 ايڪڙ مجموعي طور زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، اهڙي ريت ٺٽو ۽ بدين ضلعن جي 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي پٽي وارن 8 تعلقن ڪيٽي بندر جون 42 ديهون، بدين، گولاڙچي جون 40 ديهون، جاتي، شاهبندر ۽ ميرپور ساڪرو تعلقن جون 85 کان وڌيڪ ديهن کي سمنڊ مڪمل طور ڳڙڪائي ويو آهي. اهڙي ريت ٻنهي ضلعن جي سامونڊي پٽي جون 277 کان وڌيڪ ديهون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهن ۽ سامونڊي ويرون چڙهڻ سبب ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي بنجر بڻجي وئي آهي، جيڪي زمينون مڪمل طور غيرآباد آهن ۽ سمنڊ جو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.

ھوڏانھن پاڻي کوٽ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجندي پئي وڃي، آبادگار پاڻي کوٽ خلاف روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو آھي. ننڍن آبادگارن جو اھو بھ الزام آھي تھ ھڪ طرف سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي ڪونھي، مٿان وري جيڪو پاڻي آھي، ان جي بھ منصفاڻي ورڇ نھ ٿي ٿئي، نتيجن سندن زمينون بنجر بڻجنديون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.